اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آه?? ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي ف??ج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو اسان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مددگار مشعال ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀارتي قابض ف??ج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن. مشعال ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائين جاري رهندي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. ??ڏي?? قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق ??ڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.
ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II