اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس، ڪجهه ڪارين رڍن کي مل?? جي پرڏيهي ناڻي ۽ پاڪستانين جي حق تي هرگز ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري، اسمگلنگ ۾ ملوث يا ان جي روڪٿام ۾ سستي ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، اسمگلنگ جي ڪوشش دوران ضبط ٿيل مال جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري اصل ڏوهارين کي عدال?? جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن جو انگ ۽ صلاحيت کي وڌايو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن ۾ جلد فيصلا ۽ سخت سزائون يقيني بڻايون وڃن، اسمگلنگ جي ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث ملز مالڪن، ڊيلرز ۽ گودام مالڪن سڀني کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اسپارڪو اسمگلنگ جي سرگرمين جي سيٽلائي?? نگراني ۾ مدد ڪري، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سرگرم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ مان ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪٿام تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، حساس ادارن جي سربراهن، لاڳاپيل ا??لي?? عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مل?? جي سرحدي ضلعن ۽ صوبائي سرحدن تي جاري اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪاررواين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽن جي انگ کي وڌائي 10 ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ پيٽرولنگ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران خضدار مان 6 هزار ٽن کان وڌيڪ اسمگلنگ جون شيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، رڳو گذريل هفتي ۾ ئي آپريشن دوران ضبط ڪئي ويندڙ شين جو مقدار 4342 ٽن آهي جيڪو ٽرڪن جي قافلن ۽ گودامن ۾ اسمگلنگ جي نيت سان موجود هو. اجلاس کي حساس ادارن جي نشاندهي تي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي برطرفي ۽ شهرت يافته آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته الله رب العز?? جي ڪرم ۽ حڪوم?? جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪڻ?? جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿي، ٻوڏ ۽ برساتن جي باوجود آبادگارن جي محنت ۽ حڪوم?? جي ڪوششن سان ڀرپور پيداوار تي هن مل?? جي عوام جو حق آهي، اسمگلرن کي هرگز هن مل?? جي عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت ايندڙ سال ڪڻ?? جي هلندڙ سال کان به وڌيڪ پيداوار جي لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلرن جي خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي، اسمگلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي نه ڇ??يو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري.
ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔