اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن پا??ستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پا??ستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع جي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جم??وريه پا??ستان جي 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته اسلامي جم??وريه پا??ستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي هي ڪنوينشن قرار ڏي ٿو ته پا??ستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي آهي ۽ ان جي ڏنل ان اختيار کي پا??ستان جي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اهو ته 10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿي??دڙ آئين پا??ستان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان آهي، اهو ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پا??ستانين جي بانين جي ڏاهپ جو عڪس آهي ۽ جم??وريت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جو آئين تنوع ۽ پا??ستان جي اتحاد جو منفرد مظهر آهي ته اهو صوبن جي وحدت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، 1973ع جو آئين اصولن جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عد??يه ۽ انتظاميا جي رهنمائي ۽ جذبي جو ذريعو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 1973ع جي آئين ۾ گذريل سالن دوران پا??ستان جي عوام جي تبديلي ٿي??دڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿي??دي رهي آهي ۽ يقيني بڻايو ويندو رهيو ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جم??وريه پا??ستان جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ان جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جم??وريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن پا??ستان جي پارليامينٽ تي زور ڏي ٿو ته اسلامي جم??وريه پا??ستان جو آئين 1973ع جي خوشي ملهائيندي پا??ستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن 1973ع جي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن سمورين شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن گذريل سالن دوران آئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع جي آئين کي پا??ستان جي جم??وريت جو بنياد تصور ڪريون ٿا جيڪو پا??ستان جي انتظام هيٺ سمورن خطن جي سمورن طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ ڏنل جم??وري اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آيه ته 1973ع جي آئين تي عمدلرآمد، ان جي بالادستي، آئين ۾ ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن جي بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پا??ستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع جي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ازم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عد??يه جي آزادي ۽ غيرجانبداري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن قرارداد ۾ فيڊرل ازم جي اصولن کي بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان آهي، هي ڪنوينشن اسلامي جم??وريه پا??ستان جي آئين جي روح موجب ان جو دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسلاميه جم??وريه پا??ستان جي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿو جيڪو هر سال 1973ع جي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پا??ستان جي عوام کي آئين ۽ ملڪ جي لاءِ ان جي اهميت کان آگاهه ڪندو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي اهي قرارداد منظور ڪندي اهو وچن ڪري ٿو ته پا??ستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين جي بالادستي ۽ ان جي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن، پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا