لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ?? ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراع??م شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراع??م شهرين جي لاءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو، انتظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراع??م شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo