اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي نئين چونڊيل عهديدار?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اي پي اين ايس ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظ??ار راءِ جي آزادي جي لاءِ سدائين مثبت ڪردار ??دا ڪيو آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار ميڊيا انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ??از آفرين سهگل لاکاڻي کي اي پي اين ايس جو بنا مقابلي صدر، سرمد علي کي سيڪريٽري جنرل، امتنان شاهد ۽ محمد اسلم قاضي کي نائب صدر ۽ ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري، شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته اي پي اين ايس ملڪ ۾ صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي، ميڊيا انڊسٽري جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل عهديدار?? کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اي پي اين ايس ميڊيا صنعت جو اهم ٿنڀ آهي، اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ميڊيا انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪنداسين.
وزيراعظم پاران اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز