راولپنڊي -30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امدادي ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ سوات جي علا??قن جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد ڪمراٽ، ڪالام ۽ ڀرپاسي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هن??ن تي منتقل ڪرڻ ۽ امدادي ڪارروائين بابت زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ملڪ جي ٻوڏ متاثر علا??قن ۾ هيليڪاپٽر 82 اڏامون ڀريون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 هيليڪاپٽرن جي اڏامن ذريعي 316 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 23.27 ٽن راشن ۽ امدادي شيون فراهم ڪيون و??ون. ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ متاثرن ۾ 3540 راشن جا پيڪيٽ ۽ 250 خيما ورهايا ويا. جڏهن ته 51 فري ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 33025 مريضن جو علاج ڪيو ويو. آرمي فلڊ رليف ڪو آرڊينيشن سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندو آهي جنهن ۾ فوج جي سطح تي اسٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. رليف جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ 217 پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، جتي هيل تائين 122.87 ٽن خوراڪ (اٽو، داليون، کن?? وغيره) 5.9 ٽن غذائي شيون (خيما، ترپال)، ڪپڙي وغيره گڏ ڪيا ويا آهن. عالمي ٻوڏ رليف امداد جي حوالي سان ترڪيه مان 7 فوجي جهاز امدادي سامان ک??ي ڪراچي پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ايئر بيس راولپنڊي پهچي ويا آهن. چين مان 2 جهاز 3000 خيما ک??ي ڪراچي پهچندا. جاپان مان ترپالون ۽ پناه گاهون اڄ ڪراچي پهچند??ون. ڪينيڊا 5 ملين آمريڪي ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. برطانيه 1.5 ملين پائونڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته آذربائيجان 2 ملين آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو بوڏ متاثر علائقن ڪمراٽ ۽ ڪالام جو دورو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا