سرينگر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائي?? جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد مودي جي فسطائ?? ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن کڻندڙ غيرقانوني قدم?? جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مودي حڪومت گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ عالمي قانون?? جي سنگين خلاف ورزي ڪندي 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري قبضي واري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪري ورتو هو. اڄ هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جڏهن ته آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ڇڪرائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينارز ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي گهر ۾ غيرقانوني نظربندي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، قابض انتظاميا مودي حڪومت پاران ڀارتي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن 4 آگسٽ 2019ع تي ان کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔