اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪي فلمي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي ??حالي جو وڏو فيصلو ڪن??ي چيو آهي ته فلم ۽ ثقافت جي ??سٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ جوڙيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻ??يو ويندو، ان حوالي سان جلد سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪن??اسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو ايگزيڪيٽو ميمبر عرفان ملڪ، شيخ امجد رشيد، پير سعد، سيد نور، ساتش آنند ۽ بدر اڪرام شامل هئا. وفاقي وزير چيو ته پنجابي فلم اسان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن تي هن وقت جمود طاري آهي، ان ۾ وري جان وجهنداسين. هن چيو ته ٻارن جي لاءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خصوصي رعايت ڏينداسين ته جيئن ٻارن لاءِ بهترين فلمن، ڪارٽونن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ تعليم ۽ تربيت بابت پروگرامن جي ??وصلا افزائي ٿئي. هن چيو ته فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي ??ور تي ان شعبي کي رعايت ڏينداسين، فلمن جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي ??هتر بڻ??ئڻ ان قومي پاليسي جو حصو آهي ان کانسواءِ ان ۾ سينيما گهرن جي ??حالي، نون سينيما گهرن جي ??عمير ۽ فنڪارن جي لاءِ مراعتون شامل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي تفريح جي فراهمي لاءِ ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ، شوٽنگ لاءِ اجازت نامن کي آسان بڻ??ئينداسين، فلم، ڊراما، اسٽيج ۽ فنون لطيفه پاڪستان جي ??المي اميج کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عدم برداشت، انتشار اسان جي معاشري ۾ نه هو اهو پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي، فلم، ڊراما ۽ فنون لطيفه معاشري جي ??دبي، اخلاقي، تهذيبي ۽ علمي ۽ روايتي زندگي هوندا آهن، اهي روح زنده ڪن??ا آهن. هن چيو ته معياري فلمن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، ان شعبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪن??اسين، پاڪستاني فلمن جي ??يڪسپورٽ جي ??وصلا افزائي ڪن??اسين ۽ گڏيل پروڊڪشن جي ??مڪانن کي فروغ ڏينداسين، فلم سازي لاءِ اوزار ۽ مشينري جي ??رآمد ۾ حڪومت تعاون ڪن??ي. اطلاعات واري وزير فلم انڊسٽري تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي ??اتمي جو مطالبي تي غور ڪرڻ جي ??اطر ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي فلمي صنعت جي ??حالي جي ??اري ۾ قدمن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي ??ل لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.
مريم اورنگزيب پاران فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز