اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيو?? آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادايئگين کي بهتر بڻائن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ ل??ءِ سڌارا ڪن??اسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو تمام وڏو شعبو آهي، ان جي طبي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ نرسز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻارن جي ل??ءِ وقت به انسانيت جي خدمت تي قربان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ نرسز شاندار خدمتون انجام ڏنيو?? آهن جيڪي تاريخ جو سنهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي د??جابندي ۾ 10 پاڪستاني عورتن جو سرفهرست هجڻ انهن جي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي، پاڪستان جي نرسز کي ڪورونا دوران گهربل طبي سهولتون نه هجڻ جي باوجود مريضن جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيو?? آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ ل??ءِ سڌارا ڪن??اسين. عورت نرسز خاص طور تي معاشرتي نامناسب روين جو شڪار بڻجنديو?? آهن جنهن جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي.
طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج