اسلام آباد – 18 ̵1; م??رچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عمران خان بليڪ ميل نه ٿيندو، منهن موڙين??ڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، معاشري جي اندر ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ڏيڻو پوندو، منهن موڙين??ڙ ميمبر واپس پنهنجي گهر اچي وڃن، فرخ حبيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر کان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان وٽ ڪيترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea