اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪست??ن پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪست??ن پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪست??ن پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪست??ن پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪست??ن پار??ن پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪست??ن پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪست??ن پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪست??ن پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪست??ن پار??ن پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون، وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف به ان موقعي تي موجود
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ