اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ اف??ان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري اف??ان عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، اف??ان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته هن اف??انستان جي وقتي پرڏ??هي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان اف??انستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ اف??ان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪندڙ سمورن اف??ان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وز??را??ظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها اف??انستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.
پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر