لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ ??نج??ب جي گورنر چوڌري محمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ??نج??ب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري منصوبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطن ۽ ??نج??ب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??نج??ب جي گورنر چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان مڪمل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪري ??هيو آهيان جنهن جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري ??روع ڪئي وئي آهي. ??نج??ب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??نج??ب آب پاڪ اٿارٽي جي لاهور سميت سڄي ??نج??ب ۾ 1500 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري ??هي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ??لين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا منصوبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن منصوبن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي وڌيڪ ٻڌايو ته ??نج??ب جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري ??هي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري ??هيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ ??نج??ب جي يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ??نج??ب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ??نج??ب آب پاڪ اٿارٽي جي منصوبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار