اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ماضي جي ??ڪو??تن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي تعليم جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آه??، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آه??، اسڪول گهرن ک??ن پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، موجوده ??ڪو??ت جي ڪوشش آه?? ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسڪول وظيفا پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آه??، ??ن پروگرام جا ٻه اهم رخ آه??، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تعليم جي زيور کان آراسته ڪرڻ آه??، بدقسمتي سان انهن کي اڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آه?? جو ٻارن جو ايترو وڏو انگ اسڪول نه وڃي رهيو آه??، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جي عوام هوندي آه?? ۽ جڏهن اس??ن پنهنجي ماڻهن کي تعليم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سرمايو ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ترقي جو موقعو نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آه??ون، ٻارڙيون وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر آه?? ۽ خاص طور ٻارڙين جي تعليم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آه??، تعليم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارڙين کي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، ??ڪو??ت جي پوري ڪوشش آه?? ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان اسڪيم سان تعليم جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آه?? ته شايد اس??ن پنهنجي ٻارڙين کي تعليم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آه?? ۽ هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو خواهشمند آه?? پر ڪجهه جاين تي اسڪول پري هوندا آه?? ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آه??. وزيراعظم چيو ته ماضي جي ??ڪو??تن جي ذميواري هئي ته اهي تعليم جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي ??ڪو??ت تعليم جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??ن پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ اسڪول جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ موثر نگراني پڻ ڪري سگهبي. هن اسڪيم جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
ماضي جي حڪومتن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن