اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) بهاولپور ۾ لال سوهانر?? نيشنل ??ار?? ۾ سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ 87 ايڪڙن تي 60 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا، لال سوهانر?? نيشنل ??ار?? ۾ ٻيلن ۾ اضافي سان بهاولپور ۽ ڀرپاسي جي آبهوا کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان لال سوهانرا نيشنل ??ار?? ۾ سانوڻي جي وڻڪاري جي سلسلي ۾ 87 ايڪڙن تي 60 هزار ٻوٽا پوکڻ جو آعاز ڪيو، لال سوهانرا نيشنل ??ار?? ۾ ٻيلن ۾ اضافي سان بهاولپور ۽ ڀرپاسي جي آبهوا جي صفائي ۾ مدد ملندي ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه ۾ مدد ملندي، لال سوهانرا ۾ نه رڳو ڪاري هرڻ جي واڌ ويجهه ڪامياب ثابت ٿي آهي ۽ انهن جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر متحده عرب امارات جي تعاون سان گريٽ انڊين بسٽرڊ جي واڌ ويجهه جو مرڪز به قائم ڪيو پي?? وڃي. ان موقعي تي ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪورونا دوران پروٽيڪڊ ايرياز انيشي ايٽيو جو اعلان ڪيو، جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو پر روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا. وڌيڪ نيشنل ??ار??س جي تعداد ۾ 15 نون ??ار??س جو اضا??و ڪري 30 کان 45 ڪيو ويو آهي، صرف پنجاب ۾ ئي هڪ لک 50 هزار ايڪڙ تي ??ڌل 6 نوان نيشنل ??ار??س قائم ڪيا ويا جنهن ۾ 10 بلين ٽري سونامي جي تحت ايڪو ٽوئرازم جي فروغ لاءِ 1.5 ارب روپيا ڏنا ويا، وڌيڪ موجوده ٻيلن جي سگهه کي به مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ وڻ پوکيا پيا وڃن ۽ لال سوهانرا ۾ 60 هزار ٻوٽن جي مهم به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، ٻيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ نه رڳو پنجاب نيشنل ??ار?? سروسز جو آغاز ڪيو ويو آهي پر غير قانوني ڪاٺين جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ لال سوهانرا جي ويجهو موجود سڀني غير قانوني آروز جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي ۽ پنجاب ۾ ٻيون جايون به اهڙي طرح جي قدمن کي يقيني بڻايو پي?? وڃي، دوري دوران وزيراعظم کي ٻيلن جي نگراني ۽ تحفظ لاءِ جديد ڊرون ٽيڪنالاجي تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بهاولپور لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ 87 ايڪڙن تي 60 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania