اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائق??ئي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي روڪ??ام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪ??ام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بل??ستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص ب??ڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀر??ئي تي بريفنگ ڏني وئي.
ڪورونا جي روڪٿام بابت حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب