اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳ??له??ئي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عمران خان حيران ڪري ڇڏيو، سندس وڪيل چوي ٿو ته پاناما کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳ??له??يو، اسان ڪيس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ڏئي رهيا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳ??له??ئيندي هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ۾ اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي هڪ طرف رکو ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي ڌيان ڏنو وڃي، هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان وزيراعظم جو ڪو تعلق نه هو ۽ اهو ئي موقف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عدالتون ثبوتن تي فيصلا ٻڌائين ٿيون پر عمران خان کي ??ادت آهي ته هو عدالت ٻاهران هڪ عدالت هڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوڙ ڳ??له??ئي ٿو ۽ پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم