اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ??اليسين ڏيوالپڻو ٿيندڙ معيشت ۾ نئين جان وجهي ڇڏي آهي، سياسي ??خالف اقتصادي ڪارڪردگي سبب شڪست کان ڊنل آهن، مخالفن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي. اسلام آباد ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪيپيٽل هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ان وقت جي حڪمرانن غلط فيصلا ڪيا جن سان معيشت کي هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ??ر اسان ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي نئين جان ڏئي ڇڏي آهي. 2013ع ۾ مرڪزي بئنڪ وٽ ٽي ارب ڊالر جي ??ٽاسٽا جي ??اڻي جا ذخيرا هئا جڏهن ته هاڻي سمورين بئنڪن جا مجموعي ذخيرا 24.5 ارب ڊالر آهن جيڪي 6 مهينن جي درآمدي بل جي ادائيگي جي ??اءِ ڪافي آهن. عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جو اندازو هو ته پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ 5 سال لڳندا ??ر اهو هدف ٽن سالن ۾ ح??صل ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي پاليسين معيشت ۾ جان وجهي ڇڏي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania