نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊجيٽل ڪرنسي جي استعمال جي حامي پال ايٽڪنز کي سيڪيورٽيز اينڊ ??يڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽو ڪرنسي انڊس??ري طرفان پال ايٽڪنز جي نامزدگي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران آمريڪا جي سيڪيورٽيز اينڊ ??يڪسچينج ڪميشن جي موجوده سربراهه گيري گينسلر کي عهدي تان هٽائڻ جو واعدو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور ۾ آمريڪا ۾ ڊجيٽل ڪرنسي استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ پاران ان موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پال ايٽڪنز 2017ع کان ڊجيٽل چيمبر آف ڪامرس جو شريڪ چيئرمين رهيو، اهو تسليم ڪري ٿو ته ڊجيٽل اثاثا آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائڻ لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. هڪ ٻي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي سينيٽر ڪيلي لوفر کي سمال بزنس ايدمنسٽريشن جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ ??وران ڪرپٽو ڪرنسي جي حامين طرفان ٽرمپ کي وڏي انگ ۾ عطيا فراهم ڪيا هئا. ڊونلڊ ٽرمپ جي ان قدم کانپوءِ ڊجيٽل ڪرنسي ٻٽ ڪوائن جو ايشيائي ٽريڊ مارڪيٽ ۾ اگهه وڌي هڪ لک 2 هزار 700 ڊالر ??ي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي 5 نومبر تي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ئي نامزد ڪيل دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٺ جي جڳهه تي فلوريڊا جي گورنر ران ڊي سينٽيس کي پينٽاگون جي قيادت لاءِ نامزد ڪرڻ تي غور ش??وع ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه آمريڪا جي مشهور اخبار” وال اسٽريٽ جنرل “ پنهن??ي رپورٽ ۾ چئي آهي. جڏهن ته وال اسٽريٽ جنرل جو اهو به چوڻ آهي ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ پيٽ هيگسيٺ جي جاءِ تي ڊي سينٽيس کي دفاع واري وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران پال ايٽڪنز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو سربراهه نامزد، دفاع واري نامزد وزير پيٽ هيگسيٺ جي تبديلي تي غور
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت