مسقط – 12 نومبر (اي پي پي ) اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو سيٽلائيٽ اومان لاءِ خلا مان اهڙي ڊيٽا ۽ تصويرون فراهم ڪندو جيڪو ايندڙ سالن دوران اوما?? جي سلطنت لاءِ شهري پلاننگ، ٻيل?? جي نگراني ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ شعبي لاءِ فائديمند هوندو. ان سيٽلائيٽ کي اومان او ايل -1 جو نالو ڏنو آهي. جيڪو مصنوعي ذ??انت جي جديد سهولت سان جديد ترين ٽيڪنالاجي تحت بڻايو ويو آهي.ان کي چي?? جي مدد سان چين راڪيٽ مينو فيڪچرنگ (سي اي ايس) اسپيس ??ان لانچ ڪيو ويو آهي. ملڪ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مقامي طورتي پهريون تيار ڪيل سيٽلائيٽ مشاهداتي صلاحيت جي حوالي سان غير معمولي آهي جيڪو مصنوعي ذ??انت سان ليس هجڻ سبب غير معمولي مفاصلي تان به شين کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ا?? جي تياري بنيادي طورتي اوما?? جي فضا جي مانيٽرنگ ۽ جائزي لاءِ ڪئي وئي آهي . جيڪا ريئل ٽائيم ۾ تصوير جي فراهمي ۾ مدد ڏيندي جنهن سان قدرتي وسيل?? جي حوالي سان پڻ اومان کي پنهنجا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی