اوٽاوا – 15 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪينيڊا عليحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الز??م ۾ هاءِ ڪمشنر سميت ڀارت جي 6 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت وٽ هاڻي واضع شاهديون موجود آهن ??ه ڀار??ي حڪومت جا ايجنٽ اهڙين سر??رمين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ انهن ??هڙين سر??رمين کي جاري رکيو آهي جيڪي عوامي تحفظ لاءِ اهم خطرو آهن . هن ٻڌايو ته انهن سر??رمين ۾ ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي مهارت ، زور زبردستي جو رويو ، ڏکڻ ايشيائي ڪينڊين شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ قتل سميت درجن کان وڌيڪ ڌمڪي آميز ۽ پرتشدد ڪاروائين ۾ ملوث هجڻ شامل آهي . جسٽن ٽروڊو چيو ته اهو عمل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي ، ڀارت ڪينيڊا ۾ ڏوهاري سر??رمين ۾ ملوث ٿي بنيادي غلطي ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا