لنڊن -31 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه ۾ چين جي سفير زي??گ زيگوانگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار تي زور ڀريندي چيو ته برطانيه ۽ چين کي گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. شنهوا موجب هن گذريل ڏينهن برطانيه ۾ منعقد ٿيل چين – برطانيه واپاري آجياڻي ۾ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقات دوران چيو ته ٻنهي ملڪن کي معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن جي حياتين کي بهتر بڻائڻ جي اهم ٽاسڪ جو چئلينج آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ مالياتي خدمتن، تجديد جوڳي توانائي، گرين ٽيڪنالاجي، سرحد پار ڏوه?? ۽ ??صنوعي ذهانت (اي آءِ) سيفٽي جي حڪمراني جهڙن شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا. چيني سفير چيو ته اسان جو سهڪار اسان جي لاڳاپيل معيشتن کي وڌائڻ، زندگي گذارڻ جا خرچ گهٽائڻ، پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ ماحول دوست قدم تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي مسئلن تي سهڪار سان ڪجهه مسئلن تي غلط فهمي، دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ سفارتڪاري کي بهتر موقعا ڏيڻ ۾ به مدد ملندي. هن برطانوي سيڙپڪارن، سياحن ۽ شاگردن کي چين ۾ اچڻ تي خوش آمديد ڪندي چيو ته چيني مارڪيٽ سدائين برطانوي ڪاروبار لاءِ کليل رهندو. هن تجويز پيش ڪئي ته ڪاروباري برادري مارڪيٽ جي معيشت ۾ چين جي سڌارن، ماحول دوست قدمن ۽ ڪاربن جو نيڪال گهٽ ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ چين جي کليل دل تي وڌيڪ ڌيان ڏئي. چين برطانيه واپاري ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو پيٽر برنيٽ چيو ته اسان يقيني طور وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، مان سمجهان ٿو ته اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي بنياد تي اهڙو ماحول ٺاهڻ چاهيون ٿ?? جيڪو ڪاروبار کي يقيني بڻائي.
برطانيه ۽ چين کي گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي: چيني سفير
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج