بيجنگ-19 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي گانسو ۽ چنگ هاءِ ۾ چين ۾ 6.2 جي شدت جي زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آه??. چين جي خ??برو اداري ٻُڌايو آه?? ته زلزلي سبب گانسو صوبي ۾ فوتين جو انگ 105 ۽ چنگهائي ۾ 11 جڏهن ته زخمين جو مجموعي انگ 199 آه??. زلزلي سبب هزارين گهرن ۽ ٻين عمارتن کي نقصان ??هتو آه??. ان کان علاوه زلزلي سبب مواصلات، بجلي ـ۽ پاڻيءَ جي فراهمي پڻ متاثر ٿي آه??. چين جي زلزلي ماپيندڙ اداري مطابق زلزلو گذريل رات 11 لڳي 59 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز چين جو گانسو ۽ چنگهائي صوبن جي سرحد ويجهو زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ ۾ هو. زلزلي سبب حيشان ۾ 6381 گهرن کي نقصان ??هتو. صوبائي ايمرجنسي مئنجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ??ُڌايو ته صبح 8 وڳي تائين 32 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان ??ڌيڪ شدت 4 رڪارڊ ڪيئ وئي. زلزلي بعد امدادي عملو تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي مرمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آه??. چين جي صدر شي جن پنگ زلزلي متاثر علائقن ۾ فوري ۽ اثرائتي امدادي ڪاررواين جي هدايت ڪري ڇڏي آه??.
چين ۾ 6.2 جي شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 116 ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ 199، هزارين گهرن کي نقصان، امدادي ڪارروايون جاري
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria