رياض-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت نيڌرلينڊ جي شهر دي ه??گ ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن آڏو هڪ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، عرب نيوز مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي بار بار ڪيل نفرت انگيز قدمن کي مڪمل طور تي رد ڪندي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان قسم جي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي هوا ڏئي رهيا آهن. رواداري، اعتدال پسندي جي قدرن کي هٿي وٺائڻ ۽ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ر??ت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ضروري گڏيل احترام کي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ??ين??ارڪ، سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ ه??ڻو??ن مهينن دوران عوا??ي سطح تي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک