مڪه مڪرمه -20 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپل??ڪس رمضان کان پهرين غلاف ڪعبه جي سار سنڀال ۽ مرمت جو مڪمل ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن مطابق سيڪريٽري ڪسوه ڪمپل??ڪس انجنيئر امجد ا??حازمي ميڊيا کي ٻڌايو ته هر سال رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي سينگار ۽ مرمت جو ڪم ڪيو ويندو آهي. ??ن چيو ته خانه ڪعبه جي غلاف جي صفائي ۽ مرمت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ??ن چيو ته سعودي هنرمند خانه ڪعبه جي غلاف جي ??ڪ هڪ حصي جو روزانو معائنو ڪندا آهن ۽ جتي به ڪا ڪمي پيشي نظر ايندي آهي ته ا?? کي دور ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪٿي غلاف ۾ ڪو جهول نظر ايندو آهي ته ا?? کي فوري طور تي ٺيڪ ڪيو ويندو آهي. ??ن چيو ته خانه ڪعبه جي ??ر پاسي کان ٽي ميٽر اوچو ڪپڙو لڳائي غلاف کي ڇڪيو ويندو آهي. هر طرف کان ان جي صفائي جو به ا??تمام هوندو آهي. حجر اسود ۽ رڪن يماني مٿان غلاف جا ڪنارا تبديل ڪيا ويندا آهن. امجد ا??حازي چيو ته ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپل??ڪس جي ??اتحت ڪعبه جي غلاف جي صفائي، سينگار ۽ مرمت ڪيترن ئي ڏهاڪن سان هي ادارو پنهنجي ذميواري ۽ اخلاص سان انجام ڏئي رهيو آهي . هي ڪم مقرره وقت مطابق انجام ڏنو ويندو آهي.
رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي غلاف جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن