پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگ??ر جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاو??ٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موق??ي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاو??ٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری