اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جن??ن وزيراعظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ احتساب جي روايت اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف پاڻ کي احتساب جي ??اءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نو??ز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ??يندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي ??چ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جن??ن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ضرورت نا??ي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نو??ز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ احتساب جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت