نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملا??ات ۾ سندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪر??. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪر?? ڇڏيا آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلندڙ سال دوران 600 جي لڳ ڀڳ خلاف ورزيون ڪيون ويون. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته رڳو ??ڄ جي ڏينهن ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان ايل او سي تي چار شهري شهيد ٿ??ا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے