انقره- 31 جولاءِ (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته غزه هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي قتل گاهه بڻ??ي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن ??يو ته اولهه وارن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، لڳ ڀڳ 300 ڏينهن ??ان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏسي ر??يا آهن. هن ??يو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پو??تي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي غ??ه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائيل جي جاري بربريت کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي هاڻي فوري قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔