رياض -10 جون(اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود غزه جي پٽي جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن مان وڌيڪ هڪ هز??ر ماڻهن جي سرڪاري سطح تي حج دوران ميزباني جو حڪم نامو جاري ڪيو ??ه??. ا??عربيه اردو مطابق شاهه سلمان طرفان فلسطيني شهيدن ۽ زخمين جي سرڪاري سطح تي حج جي حڪمن تحت هاڻي مجموعي طور تي 2 هزار فلسطيني حج جو فرض ادا ڪندا. ان کان اڳ سعودي عرب هر سال هڪ هزار فلسطينين جي سرڪاري حج جا انتظام ڪندو آهي. فلسطيني حاجين ۾ اضافو موجوده غزه جنگ سبب متاثر فلسطينين جي سڪون ۽ هنن سان يڪجهتي جي اظهار طور ڪيو ويو ??هي. وڌيڪ هڪ هزار فلسطيني پانڌيئڙن جي حج جي انتظامن جي نگراني سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت ڪند??. ا?? موقعي تي سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزير ۽ خادم حرمين شريفين جي خصوصي حج پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طرفان فراخدلاڻي شاهي قدم جو ٿورو مڃيو.
خادم حرمين شريفين طرفان غزه جي شهيدن جي وڌيڪ هڪ هزار مائٽن جي حج ميزباني جا حڪم
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ