پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو چيو آهي ته هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پابندي بدران تاريخ کي درست رخ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو نيوز موجب پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي اجلاس دوران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (ايل ايف آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو جي ٻن هفتن ??اء?? ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. هن فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌايو ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو جهنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو ويو آهي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي هي بلڪل درست قدم کنيو آهي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن ??اء?? آواز اٿاري رهي آهي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ ??اء?? ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻايو آهي. ايل ايف اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو الزام لڳايو آهي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي آپ??يشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هوندي به سيبا سٽين ڊيلوگو جو چوڻ آهي ته حڪومت ان آپ??يشن کي روڪرائڻ ??اء?? ڪافي ڪوشش نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان کان اڳ فرانس جي دفاع واري وزير چيو ته فرانس اسرائيل کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال رهي ته فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي آهي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ