پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ خاص طور تي ڪي پي ڪي جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي خوشين تي دل?? مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ڪرسمن امن، محنت، هڪٻئي جو احترا?? ڪرڻ ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي. گورنر چيو ته ڪرسمس محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري ??و پيغام ڏئي ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ جا بنيادي اصولن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ۾ مسيحي برادريءَ جون خدمتون هميشه تعريف جوڳيون رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو آئين سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق فراه?? ڪري ٿو، اسان سڀني کي گڏجي هڪ پُرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لا??ِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي سمورا اختلاف وِِساري هڪ بهتر ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لا??ِ متحد رهڻو آهي، پاڪستاني هئڻ جي حيثيت سان ملڪ جي ترقي، امن ۽ محبت کي هٿي ڏيڻ لا??ِ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي.
مسيحي برادري کي ڪرسمس مبارڪ، هي امن، محبت ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج