اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ووٽ هڪ مقدس امانت ۽ قومي فرض آهي جنهن ذريعي عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي رُ?? جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي، عوام پنهنجي حق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا. اهڙو اظهار هن قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته هڪ مضبوط ۽ فعال جمهوريت لاءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن چيو ته ووٽ نه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي برابر آهي. هن مل?? ۾ ??فاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ن??جو??نن ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ ن??جو??نن جي شرڪت سان نه صرف جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهون به کُلن ٿيون. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو آئيني حق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ آئين جي بالادستي عوامي ح??ن جي تحفظ جي ضمانت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي حق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.
جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena