اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ??سلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ ??ي ان ??قصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان ??ضبوط رابطو رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم ه??ئوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان ??زيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي سان ??ڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظ?? چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ??سلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ ??ي ان ??قصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان ??ضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.
وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena