اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گ??رو وز??ر علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائر??ڻا ناتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گ??رو وزير چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪ??دس. ترڪيه جي گ??رو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن ??يو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪ?? مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ??يڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گ??رو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.
گهرو وفاقي وزير پاران ترڪيه جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری