باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن جي مدد گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي اين ڊي سيز تي عملدر??مد جي لاءِ 2030ع تائين 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، گلوبل ڪلائميٽ ??نا??س فريم ورڪ جي نئين سر تعين جي ضرورت آهي. پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪلائميٽ ??نا??س گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان اهم ڪ??پ 29 گول ميز ڪانفرنس ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪريون ٿا جن ان اهم نوعيت جي ڪانفرنس جي لاءِ وقت ڪڍيو، ان ڪانفرنس جو مقصد پراڻا معاملا جيڪي هاڻي مُش??ل ٿي ويا آهن، انهن جي حل لاءِ نئين سوچ ۽ راهون ڳولڻيون آهن، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي اين ڊي سيز تي پنهنجي عوام جي لاءِ خدمتون ڏيڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن کي 2030ع تائين اين ڊي سيز جي اڌ تي عملدر??مد جي لاءِ 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، ڊونرز ملڪن کي پنهنجي ترقياتي امداد جا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، ڪوپ 15 ۾ هڪ ارب ڊالر ??نا??سنگ جا واعدا ڪيا ويا جڏهن ته ان ۾ رڳو 160 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا. وزيراعطم چيو ته پاڪستان به ٻين اسرندڙ ملڪن وانگر موسمياتي تبديلي کان شديد متاثر ٿيو آهي ۽ ان کي ويجهي ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جي بحالي جو سلسلو اڃا به جاري آهي، 2022ع ۾ پاڪستان جي ڪل ايراضي جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهن کانپوءِ ان جا سمورا ترقياتي ۽ ڪلائميٽ فنڊ بنيادي ريليف ۽ انساني ڪوششن جي لاءِ لڳائڻا پيا، اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، موسمياتي تبديلين جي ڪري اسرندڙ ملڪ شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب ان جي لاءِ خصوصي فنڊز رکڻا پوندا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??نا??سنگ جي نالي تي قرض جي فراهمي بدران غيرقرضه جاتي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم تجويز ڏني ته يو اين ايف سي سي سي، آءِ ڊي سيز جي هر 15 ڏينهن کانپوءِ جائزي جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. وزيراعظم بعد ۾ شرڪت ڪندڙن جو پاڪستان جي دعوت تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ انهن پاران اهم تجويزن تي ٿورا مڃيا. ان کان اڳ ڪوپ ڪانفرنسن ۾ ڪئي ويندڙ فيصلن، طئي ڪيل هدفن تي موثر عملدر??مد جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪري سگ??جي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري پاران وقت بوقت ڪلائميٽ ??نا??سنگ جي واعدن تي عملدر??مد يقيني بڻايو وڃي، ملٽي لٽرل ازم جي روح کي مضبوط بڻايو وڃي، اسرندڙ ملڪن کي ڪلائميٽ ??نا??سنگ اسرندڙ معيشتن پاران قرضن جي مد ۾ نه هجڻ گهرجي، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي انهن چئلينجن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگ??ون.
ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج