رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم ??هڙن خيالن جو اظهار سعو??ي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعو??ي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعو??ي عرب جي دوري جي دوران وزيراعظم ??ي خصوصي ڪوششن سان سعو??ي عرب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعو??ي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم ??ي تازي سعو??ي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعو??ي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم ??ي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعو??ي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سا?? ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام