اسلام آباد-13 سي??ٽمبر (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وزارت قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو آ??ي ته ٽيلي ميٽري سسٽم نه ??ئڻ سبب صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملن تي خدشا ڏٺا وڃن ٿا، حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آ??ي جيڪو هر صوبي جي پاڻي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي نيڪال ۾ واڌ ٿي رهي آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هاڻ ملڪ ۾ هيٽ ??يو نظر نه اچي رهيو آ??ي، صرف گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پهرين اپريل تائين 19 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون ڪوٽڙيءَ تائين وڃي چڪو آ??ي. پنجاب ۾ واٽر ايڪٽ 2019ع منظور ڪيو ??يو آهي، ان تحت واٽر اٿارٽي بڻجي چڪي آهي. ڪي پي ڪي واٽر ايڪٽ 2020ع بڻجي چڪو آ??ي، اتي اٿارٽيز بڻجي رهيون آهن. بلوچستان ۾ 1973ع جو عمل لاڳو آ??ي، ان تحت زمين وارو پاڻي ڪنٽرول ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اڃا تائين ان حوالي سان ڪو قانون منظور نه ٿي سگهيو. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ ۾ به قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان وٽ زمين واري پاڻي جي حوالي سان صورتحال بهتر ناهي. صوبن سان گڏجي زمين واري پاڻيءَ جي حوالي سان مسئلا حل ڪري رهيا آهيون. نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ خورشيد احمد جوڻيجو جي ضمني سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سنڌ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ئي ڊيمون ٺهنديون. سنڌ کي پاڻيءَ جو پورو حاصل ملي رهيو آ??ي. اتي ٽيلي ميٽري سسٽم ناهي لڳل. ان لاءِ صوبن وچ ۾ ان حوالي سان خدشا ڏٺا وڃن ٿا. ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏنو ??يو آهي جيڪو هر صوبي جي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو.
ٽيلي ميٽري سسٽم نه هئڻ سبب صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملن تي خدشا ڏٺا وڃن ٿا: پاڻي وسيلن جو وزير
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا