اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر ته??ان ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اسان کي اي??ان جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي نظر سان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم ا??تح??ام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهن.
پاڪستان پاران حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي تهران ۾ قتل جي مذمت، خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ