اسلام آباد – 25 – جول??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائق??ئي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزيراعظم کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اي سي او کي علائق??ئي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائق??ئي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم ??ستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو ??ي سي او جي لاءِ هڪ انته??ئي اهم ??نگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو ??هي. خسرو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي حي??يت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب