اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوام?? رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي ل??ڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو ا??ها?? چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي ل??ءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي ل??ءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو ا??ها?? ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي ل??ڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (م??ٽر??) عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش