اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ سميت اهم شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪوائري ڪميٽي ايندڙ ست ڏينهن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن ??ي نشاندهي ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پڻ ڏيندي. وزيراعظم پڇيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم مڪمل طور تي فعال ڇو نه ٿي سگهيو؟، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم کي مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن چئن وڏن شعبن کانسواءِ باقي اهم شعبن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم لڳايو وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ سمورين قانوني رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، سيمنٽ جي ڪارخانن جي سمورين پروڊڪشن لائينز تي سسٽم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي خودڪار نظام ۽ ڊيجيٽل اسٽريٽجي لاڳو ڪرڻ جي ٺوس حڪمت عملي طلب ڪندي چيو ته اهڙا سمورا ڪارخانا جيڪي ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم لڳائڻ کان انڪاري هجن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، اوڳاڙين سان گڏوگڏ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم کي جعلسازي ۽ غيرمعياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ پڻ استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سگريٽ جي وڪري جي خاتمي ۽ انهن کي ضبط ڪري تلف ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مافياز ملي ڀڳت سان قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. اجلاس کي کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ تماڪو جي شعبي ۾ خودڪار ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تماڪو جي 14 وڏن ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم مڪمل طور تي فعال آهي جڏهن ??ه 12 ڪارخانن کي سسٽم نه لڳائڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي سمورين صنعتن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ٽريس ??سٽم مڪمل طور تي فعال آهي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ سسٽم هڻڻ ۾ فني رڪاوٽون درپيش آهن ??ن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گودامن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڏس ۾ ايف بي آر جي معاونت ڪن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج