اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري ??اڪستان جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته چين سان سدا بهار حصيداري ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر پاران مبارڪباد واري ??يغام تي صدر هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر آصف ??لي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط جو جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد جي لاءِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چيني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري ??ه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ملڪن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ ح??ايت سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفه??م ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آ??ن. صدر چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر زرداري جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.
صدر چين جي صدر شي جن پنگ جا مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا، چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil