اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري ??ي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مب??رڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف ع??ي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو ??روع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مب??رڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مب??رڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف ع??ي زرداري ??ي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مب??رڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ٽيليفون، صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد، تاجڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha