اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري ??ائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪن??و رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پاڪستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي ??ابض فوج پوري علائقي کي دني?? جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪن??ي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري سان مڪمل ڪن??و. هن نگران حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي ??راهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن??ي چيو ته چونڊ عمل کي بن?? ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هي عدالتن جي ??ڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته نگران حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي ??سئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري ??اڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري ??دم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصل?? ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي ??ٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪن??ي چيو ته پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي اٿاريندو رهندو، افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania