اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عم??ي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آ??ي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آ??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عم??ي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آ??ي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آ??ي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذه?? اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پ??را آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آ??ن، عالمي سطح تي پرا??ن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.
وزيراعظم پاران 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو، سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس