اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت حا??ل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ جي ذريعي مع??شي استحڪام حا??ل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ مع??شي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماح??لي??تي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شم??لي?? کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي مع??شي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي مع??شي استحڪام حا??ل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي مع??شي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حا??ل آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي بر??در?? تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ مع??شي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماح??لي??تي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته عالمي بر??در?? کي ماح??لي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ماح??لي??تي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماح??لي??تي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي بر??در?? کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
خطي ۾ پائيدار امن سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا