اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ب??ن الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ب??ن الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پو??ٽر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني عملدارن سان ذاتي طور ۽ ورچوئل ميٽنگ ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف طرفان اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت پاڪستان لاءِ هڪ نئين مالياتي انگيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. مشن جي پڄاڻيءَ تي پو??ٽل پڌرائي جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي ره?? آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف سطح تي 2250 مل??ن ايس ڊي آر (تقريبن 3 بلين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم ۾ 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تي معاهدو ٿي ويو آهي. نئ??ن ايس بي اي پاڪستان جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي ٻَڌل آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي معاهدو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط آهي جنهن سان توقع آهي ته ج??لا??ِ جي وچ تائ??ن ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي تڪميل کانپوءِ معيشت کي ڪيترن ئي پرڏيهي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. جن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکيل پاڪستاني ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ ب??ن الاقوامي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ شامل آهي. ان مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسيون غلطيون مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب معاشي ترقي رڪجي وئي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام گهڻ?? آهي. پڌرائيءَ مطابق نئ??ن اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو هاڻوڪي پرڏيهي مشڪلاتن سان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رُخي ٻه طرفن شراڪتدارن سان فنانسنگ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ عملدارن جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي معاهدو پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي پو??و ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ملڪي آمدنيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي لاءِ به جڳهه پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جي موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستحڪم پاليسيءَ تي عملدرآمد مُک حيثيت رکي ٿو. مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته معاهدو پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو ۽ معاهدي سان سماجي شعبي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، جڏهن ته معاهدو پاڪستان ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪسز جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقيءَ لاءِ فنڊ پڻ وڌي سگهندا. معاهدو پاڪستان ۾ مالياتي نظم و ضبط جو سبب بڻجندو ۽ معاهدي سان توانائي جي سڌارن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. معاهدي سان پاڪستان کي پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندا.
پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر