اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف ??وا?? اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??رين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورس راجوڙي، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ??شم??ري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته راجوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبصي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئ?? اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا