اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا ??ان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سفيرن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيد محمد علي حسيني ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ايران ??ان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀ??ئر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي ??ان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ سعودي عرب پاران سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ کنيل تاريخي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ ??ان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ايراني سفير سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽن جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن ??ان ٻطرفي واپار کي فروغ ملندو. هن صدر کي ب??لي جي پهچ جي جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن ??ان بلوچستان جي عوام کي فائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير نڪولائي گويا پڻ صدر ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان رومانيا ??ان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو ??وا??شمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي ب??قاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغانستان مان رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي رومانيا جي صدر پاران پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
صدر پاران ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے